دادو منهنجون يادون

دادو منهنجون يادون

دادو منهنجون يادون

دادو منهنجون يادون (ڪتاب): هيءُ ڪتاب نامور ليکڪ ۽ محقق ڌڻي بخش مگسيءَ (مرحوم) جو لکيل آهي، جنهن کي سندس فرزند ڊاڪٽر لياقت علي مگسيءَ سهيڙيو آهي. مرتب پاران ڪتاب جو انتساب پنهنجي عزيزن سميت دادو شهر اڏيندڙ هندو ڀائيبندن جي نالي ڪيو ويو آهي. ڪتاب کي چئن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي، جن ۾: (1) دادو شهر، (2) دادو ضلـعـي، (3) دادوءَ جـي اهـم شـخـصـيـتـن جـو احـوال ۽ (4) مـتـفـرقات شامل آهن. ڪتاب جي آخر ۾ مـددي ڪـتابـن جـا نالا ڏنـا ويـا آهـن. ان کان سواءِ مصنف ڌڻي بخش مگسيءَ جو تعارف پڻ ڏنو ويو آهي. ڊيمي سائيز جو هيءُ ڪتاب588 صفحن تي مشتمل آهي ۽ اُن جو ملهه 300 روپيا آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2005ع ۾ ’ڪاڇو پبليڪيشن‘ پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو